امداد علي سومرو

امداد علي سومرو

امداد علي سومرو

امداد علي سومرو: صحافي، تجزيي نگار ۽ ولاگر امداد علي سومرو ولد مولوي والي ڏنو سومرو 10 اپريل 1975ع تي ڳوٺ بخش علي رند، لڳ جوهي ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم، مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان جوهيءَ مان پاس ڪيا، جڏهن ته ايم اي (سوشيالاجي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. تعليم دؤران کاٻي ڌر جي ٻاراڻي تنظيم ’ساٿي ٻارڙا سنگت‘ ۽ شاگرد تنظيم ’ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ۾ متحرڪ رهيو. صحافت جي شروعات 1995ع کان، ’سنڌ‘ اخبار ۾ پروف ريڊر ۽ رپورٽر طور ڪئي. 1997ع ۾ ’ڪاوش‘ اخبار ۾ رپورٽر ۽ 2000ع کان لاهور ۾ ’ڪاوش‘ اخبار جي رپورٽر طور ڪم ڪيو. ان کانسواءِ هن عبدالواحد آريسر، خان قريشي'>بشير خان قريشي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي سميت ڪيترن ئي سياسي شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. پھرئين سنڌي چئنل ڪي ٽي اين جي اچڻ کانپوءِ 2014ع تائين ’ڪاوش‘ ۽ ڪي ٽي اين جي بيورو چيف طور ڪم ڪيو. هن ڪي ٽي اين تان ’ڊيٽ لائن لاهور‘ نالي هفتيوار پروگرام ۾ نوابزاده نصر الله خان، نواز شريف، آصف علي زرداري، عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. ان کانسواءِ مشرف جي مارشل لا خلاف خبرن ۽ ڪالمن ذريعي آواز اٿاريو. هن گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم جھڙن منصوبن خلاف ڪي ٽي اين لاءِ دستاويزي فلمون ٺاهيون. 2007ع ۾ بي بي سي اردو سان فري لانس ڪم ڪيو. 2014ع کان 2021ع تائين لاهور جي مختلف اردو چئنلن ۾ بطور رپورٽر ڪم ڪيو. سندس ڪيترائي ڪالم ’ڪاوش‘ ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. امداد سومرو 2021ع کان پنھنجي نالي سان، يوٽيوب چئنل تي سياسي تجزيه نگار طور ولاگ پيش ڪري رهيو آهي. کاٻي ڌر جو مشھور ليکڪ ۽ ڪالم نويس حميد سومرو سندس چاچو آهي، جڏهن ته مشھور صحافي فاروق سومرو سندس وڏو ڀاءُ آهي.


لفظ امداد علي سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.04.10  عيسوي

صحافي، تجزيي نگار ۽ ولاگر امداد علي سومرو ولد مولوي والي ڏنو سومرو 10 اپريل 1975ع تي ڳوٺ بخش علي رند، لڳ جوهي ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تيرٿ گوبندرام سڀاڻي
علي رضا سهتو
غالب لطيف
پنهيار علي بخش اصغر
زلف پيرزادو
مولا بخش ڀٽو
اختر بلوچ 2
شهاب الدين چشتي
آر بي سارنگ
شبير تابش
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون